ڀوڄراج ڪرمچند ڇاٻڙيا

ڀوڄراج ڪرمچند ڇاٻڙيا: ڀوڄراج ڪرمچند ڇاٻڙيا، 15 آگسٽ 1924ع تي شڪارپور، سنڌ ۾ جنم ورتو. بي. اي ڪرڻ کان پوءِ ھوميوپيٿيءَ ۾ ڊپلوما ڪيائين. سندس لکڻين جو خاص موضوع صحت ۽ تندرستي ھو. سندس ھيٺيان ڪتاب شايع ٿيل آھن: (1) ’بنا دوا تندرسي‘، (2) ’تندرستي لاءِ کاڌو‘، (3) ’قدرتي علاج‘، (4) ’صحت ۽ سڊولتا ۽ قدرتي دوائون‘، (5)’قدرتي علاج ذريعي تندرستي ڪيئن حاصل ڪجي‘. هن موضوع تي سنڌيءَ ۾ سندس ڪارگر ادب شايع ٿيل آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.08.15  عيسوي

ڀوڄراج ڪرمچند ڇاٻڙيا ، 15 آگسٽ 1924ع تي شڪارپور ، سنڌ ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابن سعد
حافظ محمد 2
صالح عباسي
اياز عالم ابڙو
اين جي مجمدار
ابراهيم بن محمد صلي الله عليه وسلم
چندر پٽ سيلائج
جتوئي محراب خان
برڪت علي خان
ممتاز علي ڀٽو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون